ڳيريلو ويجهو ارٿر شاخ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت

news

لاڙڪاڻو: اڱارو 02 جولاءِ 2019ع:ڳيريلو ڀرسان ارٿر شاخ ۾ دوستن سان وهنجڻ لاءِ ويل ڳوٺ ڪُلهي جو رهواسي 22 سالا انٽر جو شاگرد زمان بروهي ٻڏي فوت ٿي ويو.

جنهن جو لاش سندس دوستن ڪڍي وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن بعد نوجوان جو لاش چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان جي موت جي تصديق بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿيل نوجوان جي ڀاءُ امجد علي بروهي صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ زمان بروهي انٽر جو شاگرد آهي جيڪو سخت گرميءَ سبب دوستن سان گڏجي ارٿر شاخ ۾ وهنجڻ لاءِ ويو جتي هو ٻڏي فوت ٿيو آهي.

هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.01