ميڪسيڪو ۾ سٺي فصل لاءِ عورت ميئر واڳونءَ سان شادي ڪري ورتي

news

ميڪسيڪو سٽي: اڱارو 02 جولاءِ 2019ع: ميڪسيڪو ۾ سٺي فصل لاءِ سالياني تقريب دوران ميئر جي واڳونءَ سان شادي ڪرائي وئي.

ميڪسيڪو جي ڳوٺ جي ميئر مقامي هارين ۽ مهاڻن جي سٺي قسمت لاءِ واڳونءَ سان باضابطه شادي ڪئي.

اها رسم گذريل 200 سالن کان جاري آهي، ان موقعي تي دهل ۽ بينڊ وڃائيندڙ درجينن ماڻهو ميئر ۽ واڳونءَ سان گڏ شهر جي بازارن جو چڪر لڳايو، ديوانا دهل جي ٿاپ تي نچندا به رهيا.

شادي لاءِ واڳونءَ کي خاص طور تي تيار ڪيل اڇا ڪپڙا پاريا ويا هئا، تقريب جي خاتمي تي شرڪت ڪندڙ مهمانن جي خوش ذائقا روايتي کاڌن سان تواضح به ڪئي وئي.