قطر ۽ جرمني جي ڪوششن سان طالبان آل افغان پيس ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ تي متفق

news

برلن: اڱارو 02 جولاءِ 2019ع: طالبان افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ قطر ۽ جرمني جي تجويز ڪيل آل افغان پيس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن.

عالمي خابرو اداري موجب پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ جرمني جي خاص نمائندي مارڪس پوٽزيل طرفان جاري بيان ۾ ڪثيرالقومي ڳالهيون آل پيس ڪانفرنس جي 7 ۽ 8 جولاءِ تي دوحا ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي ته انهن ڳالهين ۾ طالبان به شرڪت ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

اها ڪانفرنس قطر ۽ جرمني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي جڏهن ته طالبان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي اڳوڻي شرط کي برقرار رکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته افغان طالبان ڪنهن به اهڙي ڳالهين واري عمل جوحصو نه بڻجندي جنهن ۾ ڪابل حڪومت جو ڪوبه هڪ نمائندو به شريڪ هجي.

طالبان جي شرط کي نظر ۾ رکندي قطر ۽ جرمني آل افغان پيس ڪانفرنس لاءِ افغانستان جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ بااثر ماڻهن کي دعوت ڏني آهي جڏهن ته ڪابل انتظماهي جي نمائندن کي ذاتي حيثيت ۾ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي اجازت هوندي.