ڪوٽڙي ۾ ٽين ڏينهن به سليپر فيڪٽري ملازمن جو مطالبن جي مڃا لاءِ مظاهرو، بک هڙتال

news

ڪوٽڙي: اربع 03 جولاءِ 2019: ڪوٽڙي ۾ اڄ ٽين ڏينهن به سليپر فيڪٽري جي ٻه سو ملازمن کي مل انتظاميه پاران نيڪالي ڏيڻ ۽ ست مهينن جي پگهار نه ملڻ خلاف پورهيتن  احتجاجي مظاهري ڪري بک هڙتال جاري رکي. بک هڙتالي ڪئمپ تي سياسي، سماجي پارٽين جا اڳواڻ يڪجهتي طور پهتا.

ان موقعي تي پورهيت نعريبازي ڪندي چئي رهيا هئا ته جيئڻ لاء پگهار ڏيو. ناانصافي بند ڪريو جهڙا نعرا هنيا ويا.

پورهيتن سڪندر دائيداڻو، ڌڻي بخش شورو، غلام مصطفيٰ باريجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن تائين علامتي بک هڙتال جاري آھي پر ڊي,سي ڄامشورو سميت فيڪٽري وارا توڙي ليبر کاتي وارن جي ڪن تي جونءَ نٿي سري، جيڪي غريب پورهيتن جي پگهارن لاء ڪي قدم نٿا کڻن. هنن چيو ته مل بند ڪري اسان کي بيدخل ڪيو ويو آھي، ان جو سبب نٿا ٻڌائين ڇو ته فيڪٽري وارن ڏينهن رات ڪم وٺي لکين سليپر ٺهرائي پنهنجو اسٽاڪ جمع ڪيو آھي. ان مان ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آھن پر اسان لاء پگهارون ناهن.

ليبر کاتو، اولڊ ايج بينيفيڊ سميت سوشل وارا فڪيٽري مالڪ سان ٻٽ بڻيل آھن، جن اسان جي رجسٽريشن سميت پڪي ڪرڻ لاء ڪي قدم نه کنيا. اسان جي 2 سو ملازمن جو ڪي رڪارڊ ناهي رکيو ويو.

هي ناانصافي آھي، اسين پنهنجو حق گهرون ٿا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين. پگهارون نه ملڻ ڪري ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، ٻار بيمار آھن گهر ۾ اٽي لپ ناهي فيڪٽري وارا پگهار نٿا ڏين.

هنن چتاء ڏنو ته جيستائين پگهارون نه ڏنيون وينديون تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

ٻئي پاسي پورهيتن جي احتجاجي ڪئمپ تي قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ مقصود جهتيال، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ قربان پنهور، ڄامشورو سجاڳ فورم جو چئيرمين اقبال ڪوريجو، ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ شبير مگسي، انڊس فائونڊيشن جو اڳواڻ رضا ڳورڙ سميت  سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ ٽئين ڏينهن به يڪجهتي طور بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا