بدين ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا برطرف ٿيل استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرو

news

بدين: اربع 03 جولاءِ 2019: بدين سميت سنڌ جي 5 ضلعن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا 300 استاد نوڪرين تان برطرف، بدين ۾ مظاهرو.

بدين ٽنڊومحمد خان نوشهروفيروز گھوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ آگسٽ 2009 کان پڙهائيندڙ 300 استادن ۽ استادياڻين کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن انتظاميا نوڪرين تان برطرف ڪري نوان استاد مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

استادن علي حسن سومرو، عمران گھانچي، ماجد ٽالپر، مجيد سومرو، جاويد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ استادن برطرفي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو استادن جو چوڻ هو ته اسان گذريل 10 سالن کان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نگراني هيٺ هلندڙ 150 اسڪولن ۾ 300 استادن پڙهائي رهيا هياسين پر اوچتو ئي اسان کي برطرف ڪيو ويو آهي.

هنن چيوته سنڌ حڪومت اسان جي جڳھ تي 850 استادن کان انٽرويو ڪري کين مقرر ڪيو آهي. انهي انٽرويو ۾ اسان تي مڪمل طرح پابندي لڳائي وئي هئي.

هنن چيوته حڪومت جي اهڙي قدم تي اسان بي روزگار ٿيڻ بعد سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهيون.

هنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کان گھُر ڪئي ته سنڌ حڪومت جي اهڙي قدم جو سخت نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيووڃي.