سجاول جي واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار، سياسي سماجي تنظيمن جو لانگ مارچ

news

سجاول: اربع 03 جولاءِ 2019: ضلعي سجاول جي چارئي تعلقن جي 35 کان وڌيڪ واهن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ سوين آبادگارن پاران يوسي مريد کوسو سجاول تائين 15 ڪلو ميٽر پيادل لانگ مارچ ڪيو ويو.

لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن آبپاشي کاتي پاران پاڻي جي نامناسب ورڇ خلاف سخت نعري بازي ڪئي، لانگ مارچ سجاول پهچڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر سجاول آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي مختلف تنظيمن ۽ آبادگار اڳواڻن حاجي قادربخش لغاري،عاشق حسين کوسو،رشيد پليپوٽو،سلطان کوسو،نظير هٿيار ۽ ٻين چيو تہ سجاول ضلعي جي چارئي تعلقن ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ سجاول ضلعي ۾  پاڻي نہ هجڻ ڪري ٿر جيان سجاول ضلعي جون زمينون بہ بنجر ٿي ويون آهن.

هنن چيو تہ سون جهڙي اپت ڏيندڙ هزارين ايڪڙ زرعي زمينون بہ بنجر ٿي ويون آهن جڏهن تہ پاڻي جي کوٽ سبب هن سال ساريالو فصل نہ ٿيڻ ڪري غذائي بحران پئدا ٿيڻ جو بہ خدشو آهي.

هنن چيو تہ پاڻي جي کوٽ سبب ساحلي علائقن ۾ چوپايو مال مرڻ لڳو آهي انسان، جانور توڙي پکي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء سڪي رهيا آهن،هنن وڌيڪ چيو تہ خشڪ سالي ۽ ڏڪار جهڙي صورتحال جي چونڊيل نمائندن کي ڪابہ پرواھ ناهي.

هنن مطالبو ڪندي چيو تہ سجاول ضلعي جي سموري واهن ۾ فوري طور پاڻي جي کوٽ ختم ڪيو وڃي۔

ٻئي پاسي  ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ ۽ آبادگارن وچ ۾ پاڻي جي مسئلي تي ڳالهيون ٿيون جتي ڊپٽي ڪمشنر چيوته پاڻي جو مسئلو صرف سجاول نه پر سجاول سميت آس پاس جي ضلعن جو پڻ مسئلو آهي.

هن چيوته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي انتظاميا اڳواٽ سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي انهي ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تمام تر ڪوششون ڪري رهي آهي.

هن چيوته اسان جي سموري زراعت جو دارو مدار پڻ پاڻي تي آهي ۽ پاڻي انسان جي جياپي لاءِ انتهائي ضروري آهي.

پاڻي مسئلي تي  ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ آبادگارن جي هڪ گڏيل ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ 6 آبادگار حاجي عبدالقادر، عاشق حسين کوسو، سلطان کوسو، بشير پليپوٽو، نظير لغاري ۽ عبدالرزاق لغاري شامل ڪيا ويا جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.