آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض پروگرام سان گڏ لاڳو شرطن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

news

واشنگٽن: (خميس 04 جولاءِ 2019ع) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ اعلانيل 6 ارب ڊالر جي قرض پروگرام سان لاڳو شرطن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.

آءِ ايم ايف موجب پاڪستان هر سال 1500 کان 2000 ارب ٽيڪسن جي مد ۾ آمدني وڌائيندو، پاڪستان ۾ ڪرنسي جي شرح مٽاسٽا وارو مارڪيٽ طئه ڪندو، اسٽيٽ بئنڪ ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح ۾ مداخلت نه ڪندي.

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته مانيٽري پاليسي ذريعي مهانگائي تي ضابطو آندو ويندو. توانائي جي شعبي بابت آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا ويندا ۽ گردشي قرضن جو خاتمو آندو ويندو، بقايا جي اوڳاڙي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ سياسي مداخلت نه ڪئي ويندي.