نيوسعيد آباد ۾ صوفي بزرگ حضرت سردار سيد احمد شاهه لڪياري جي عرس جي آخري ڏينهن، صوفياڻي ڪلامن تي وجد طاري

news

نيوسعيدآباد: خميس 04 جولاءِ 2019: نيوسعيد آباد صوفي بزرگ حضرت سردار سيد احمد  شاهه لڪياري جي 21هين عرس جي آخري ڏينهن جون رنگا رنگ تقريبون ميلي ۾ ڍڳن ۽ گهورن جي ڊوڙ ملھ ملاکڙو ايراني سرڪس موت جو کوهه ۽ ٻارن لاء رانديڪن ۽ مٺاين جا اسٽال سجايا ويا.

ميلي ۾ سڄي سنڌ مان عقيدتمندن درگاهه تي حاضري ڀري بزرگ سردار سيد احمد شاهه سان عقيدت جو اظھار ڪيو. سنڌ جي مختلف گادين پڻ شرڪت ڪئي.

ميلي ۾ محفل موسيقي جو انتظام پڻ ٿيل هئو جنهن ۾ نالي وارن راڳين شمن علي ميرالي دادن فقير غلام حسين عمراڻي فرزانا بهار ۽ ٻين سردار سيد احمد شاهه جا صوفياڻا ڪلام ڳائي ماڻهن ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو.

سوين مريد صوفي ڪلامن تي جهومندا رهيا درگاهه جي گادي نشين سيد محبوب شاهه ۽ سيد شبير احمد شاھ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ صوفي بزرگن جون درگاهون امن جو درس ڏين ٿيون.

ان موقعي تي ملهه پهلوانن ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ ۾ ڀاڳين کي نقد انعام ۽ اجرڪن جا تحفاڏنا ويا. جڏھن ته سيڪيورٽي جا انتظام بهتر هئا.