اوڏيرولال لڳ ڳوٺ طاهر هنڱورو ۾ فٽ بال ٽورنامينٽ، ليور پول ٽيم ميچ کٽي ورتو

news

اڏيرولال اسٽيشن: خميس 04 جولاءِ 2019: اوڏيرولال لڳ ڳوٺ طاهر هنڱورو ۾ مرحوم امتياز علي هنڱورو جي ياد ۾ فٽ بال ٽورنامينٽ ٿي گذري جنهن ۾علائقي جي  10 ٽيمن حصو ورتو.

جڏهن ته فائنل ۾ علي هنڱورو جو ضدي ٽيم ۽ نعمان هنڱورو جي ليور پول جي رانديگرن وڃ ۾ سخت مقابلو ٿيو.

سخت مقابلي کان پوءِ کان پو ليور پول جي رانديگر فراز علي هنڱورو ٻه گول ڪري فائنل پنهنجي نالي ورتو.

جنهن کان پوءِ ٽورنامينٽ جي مهمان خاص صالح هنڱورو، نويد هنڱورو، سهيل ايوب هنڱورو، کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا.

جڏهن ته مين آف دي ميچ جي ٽرافي فراز هنڱورو کي ڏني وئي. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر  آزان علي هنڱورو چيو ته نوجوانن کي تفريح ۽ انهن جي سٺي صحت لاءِ اهڙيون رانديو ڪرائي معاشري ۾ برائين کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون.