انصاف جي عالمي عدالت ڪلڀوشن ياديو ڪيس جو فيصلو سترنهن جولاءِ تي ٻڌائيندي

news

ڪوپن هيگن: خميس 04 جولاءِ 2019ع: انصاف جي عالمي عدالت پاڪستان ۾ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو ڪيس جو فيصلو هلندڙ مهيني 17 جولاءِ تي ٻڌائيندي.

انصاف جي عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ڪيس جي ٻڌڻي 18 فيبروري کان 21 فيبروري تائين اجري رهي هئي، 18 فيبرويي تي ڀارت ڪلڀوشن ڪيس تي دليلن جي شروعات ڪئي ۽ 19 فيبروري تي پاڪستان پنهنجا دليل پيش ڪيا.

20 فيبروري تي ڀارتي وڪيلن پاڪستاني دليلن تي بحث ڪيو ۽ 21 فيبروري تي پاڪستاني وڪيلن ڀارتي وڪيلن جي دليلن تي جواب ڏنا جڏهن ته ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عالمي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو.

ڪلڀوشن ڪيس جو فيصلو 17 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو، اهو فيصلو انصاف جي عالمي عدالت جو صدر ۽ جج عبدالقوي احمد يوسف بڌائيندو.