ڪراچي ۾ عورت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، اباڻي ڳوٺ ماڻڪاڻي ۾ تڏو وڇايو ويو

news

ڪراچي: جمعو 05 جولاءِ 2019: قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪاشف علي خاصخيلي جي گھر واري اٺاويھ سالن جي سونم خاتون بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي.

مرحومه جي جنازي نماز ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ماڻڪاڻي ۾ اڄ ادا ڪئي ويندي. قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن پاران ٽي ڏيھن سوڳ اعلان ڪيو ويو آھي.

جڏھن ته گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين عبدالعليم ميمڻ، نبي بخش خاصخيلي، محمد علي خاصخيلي، نظير حسين وڌيو، ثناءُ اللھ ڪاڪڙ، صابر شاھ، ساقي نديم شر، سرفراز شاھاڻي، عبدالوھاب پھوڙ، امداد علي لغاري، امتياز جکراڻي، آفتاب گولو، صدام شيخ ۽ ٻين پاران ڪاشف خاصخيلي جي گھرواري جي اوچتي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.

ٻئي طرف مرحومه جو تڏو سندس اباڻي ڳوٺ ماڻڪاڻي ۾ وڇايو ويو آھي. جتي مرحومه جي پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.