ڪوٽڙي ۾ استادن ۽ شاگردن پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

news

ڪوٽڙي: جمعو 05 جولاءِ 2019: نئين تعليمي سال جي شروعات جي موقعي ته شاگردن کي سرڪاري  اسڪولن ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوٽڙي ۾ استادن ۽ شاگردن پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوٽڙي کان پريس ڪلب  تائين تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

جاڳرتا ريلي ۾  تعليم کاتي جي  ڊي اي او ايليمينٽري غلام  محي الدين شاهه جيلاني ۽  بوائز اسڪول جي ھيڊ ماستر منظور احمد پنهور, ڊي او پرائمري ڪريم بخش سومرو، ابراهيم عالماڻي، ماجد کوکر، الطاف ڏاوچ، سڪندر کوسو، فرزانا چنا، روزينا بلوچ، نظام سومرو، صفيا جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

جنهن ۾ گسٽا ڄامشورو جي اڳواڻن سميت ڄامشورو تعلقي جي سمورن سرڪاري  اسڪولن جي استادن، شاگردن، صحافين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي اڳواڻن  خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارڙن کي تعليم پڙهايو ڇو ته سرڪاري اسڪولن ۾ اڳ کان هاڻ سهولت موجود آهن. ان لاءِ تعليم جي معيار کي اڃا ڪافي حد تائين بهتر ڪرڻ جي ضرورت آھي.

سنڌ جي هر سرڪاري اسڪول ۾  هزارين شاگرد داخل هئڻ باوجود تعليمي ادارن ۾ نٿا اچن ان لاءِ شاگردن جي والدين کي گهرجي هو پنهنجي اولاد کي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هي جاڳرتا ريلي جو مقصد به اهو آهي.

هنن چيو ته سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ استادن سان گڏ والدين کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وقت سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي مفت تعليم ڏني پئي وڃي. جنهن ڪري پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائي ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏيو.