ايران پاران برطانيه کان جبرالٽر ۾ پڪڙيل آئل ٽينڪر کي ڇڏڻ جو مطالبو

news

تهران: جمعو 05 جولاءِ 2019ع: ايران برطانيه کان جبرالٽر ۾ پڪڙيل پنهنجي آئل  ٽينڪر کي ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران برطانيه طرفان جبرالٽر ۾ پڪڙيل آئل ٽينڪر کي غير قانوني عمل قرار ڏنو آهي ۽ ان کي فوري ڇڏڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ان ڪارروائي تي ايران جمعي جي ڏينهن برطانوي سفير کي طلب ڪري باضابطه احتجاج ڪيو ۽ ايراني پرڏيهي وزارت جي سينيئر اختيارين برطانوي سفير سان ملاقات دوران برطانيه جي ان ڪارروائي کي ناقابل قبول قرار ڏنو.

ايراني اختيارين برطانوي سفير کان آئل ٽينڪر ڇڏڻ جو به مطالبو ڪيو جڏهن ته ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته مليل اطلاعن موجب برطانيه اها ڪارروائي آمريڪا جي چوڻ تي ڪئي. ايران جي سينيئر فوجي اختيارين واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آئل ٽينڪر کي فوري طور تي نه ڇڏيو ويو ته اهو تهران جو فرض آهي ته هو اهڙي طرح ڪري ۽ برطانوي ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺي.

ميڊيا رپورٽن موجب برطانوي شاهي ميرينز، پوليس ۽ ڪسٽم اختيارين خميس جي ڏينهن ايراني ڪروڊ آئل کڻي شام ويندڙ ٽينڪر کي پڪڙي ورتو ۽ ان کي يورپي يونين طرفان شام جي صدر بشارالاسد جي حڪومت خلاف لاڳو ڪيل پابندين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.