ايپ مان ناجائز پئسا ڪمائڻ تي ٽڪ ٽاڪ پاران ڏک جو اظهار

news

بيجنگ: جمعو 05 جولاءِ 2019ع: چين جي متعارف ڪيل ايپ ٽڪ ٽاڪ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ٻارن ۽ نوجوانن تي ايپ وسيلي پسنديدا انفلوئنسرز کي پئسا موڪلڻ جو دٻاءُ هو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽڪ ٽاڪ انفلائنسرز مداحن کان تحفا گهرندا آهن جنهن جي بدلي ۾ موبائل نمبر ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويندو آهي ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهو ايپ جي پاليسي جي خلاف آهي، هڪ اسٽار ته فيون کان هڪ هفتي  تائين انسٽاگرام تي ڳالهائڻ جو واعدو ڪيو ۽ ان کي 147 پائونڊ جا ٽي تحفا مليا.

ڪمپني موجب ڪجهه وڊيوز ٺاهيندڙ مستقل طور تي تحفن جي بدلي ۾ فون نمبر ۽ ميسيج ڪرڻ جا تفصيل شيئر ڪرڻ جو واعدو ڪن ٿا. هڪ عورت جنهن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مون هينئر تائين 100 ڊالر جا تحفا پنهنجي پسنديدا اسٽارز کي موڪليا آهن ته جيئن نمبر حاصل ڪري سگهنا جڏهن ته جيڪو نمبر مليو اهو رانگ نمبر آهي ان کان جواب نه پيو ملي.