بدين ۾ ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن احتجاج

news

بدين: جمعو 05 جولاءِ 2019: بدين ۾ ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن احتجاج ڪيو.

بدين پريس ڪلب اڳيان واٽر سپلائي انچارج مرتضيٰ خاصخيلي، منير احمد، فضل حق، حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاج ڪندي چيوته ايس ڊي او جو ملازمن سان غيرمناسب رويو آهي.

مظاهرين چيو ته اسان اهڙي شڪايت ڊي سي بدين ۽ ايڪسئن کي پڻ ڪئي آهي پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان گھُر ڪئي ته ايس ڊي او خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ اسان ڪم ڇڏ هڙتال ڪنداسين.