پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه جي سنڌ نرسزز الائنس ۽ ينگ نرسز يونٽ نوابشاهه پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال

news

نوابشاهه: جمعو 05 جولاءِ 2019: پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه جي سنڌ نرسزز الائنس ۽ ينگ نرسز يونٽ نوابشاهه پاران عائشه ظفر، نور بانو جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي نرسنگ هاسٽل ٻاهران بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي نرسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪافي عرصي کان سراپا احتجاج آهيون پر انتظاميه جي ڪن تي جونءَ به نٿي چُري.

هنن چيو ته اسان ڏينهن رات ڊيوٽيون ڪيون ٿا ۽ پنهنجي صحت کان وڌيڪ مريضن جو خيال ڪيون ٿا ليڪن پوءِ به اسان سان ناانصافيون ڪيون وڃن ٿيون.

هنن چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر آهيون ۽ ان پارٽي جي صحت جي وزير عذرا فضل پيچوهو جي هوندي به اسان سان هيڏي وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته سنڌ جي نرسن جي 20 سالن کان پيل پروموشن سمري فوري طور تي منظور ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

سنڌ صوبي جي تمام نرسن کي هيلٿ پروفيشنل الائونس، هائي رسڪ الائونس هڪ بنيادي پگهارون جي واڌاري جو نوٽيفڪيشن فوري طور تي جاري ڪيو وڃي.

سنڌ صوبي جي تمام نرسن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پگهار وڌائي 25 هزار مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

نرسن جي استادن جو ٽيچنگ الائونس منظور ڪيو وڃي ۽ ڊي ڊي او پاور پرنسپل آف نرسنگ کي ڏيڻ سان گڏ ٻيا سمورا مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.