ڪوئٽه: نوتال ۾ سي ٽي ڊي جو ڪامياب آپريشن: هڪ دهشتگرد مارجي ويو

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 06 جولاءِ 2019ع) نصير آباد جي علائقي نوتال ۾ سي ٽي ڊي پاران ڪامياب آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو. سي ٽي ڊي اختيارين موجب پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪنن جي موجودگي جي اطلاع نوتال جي هڪ ڪمپائونڊ مان ملي جنهن کان پوءِ پوليس اهلڪارن جي وڏي نفري گهرائي وئي ۽ علائقي  کي گهيري هيٺ آندو ويو.

ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ هٿياربندن ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته 2 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. فرار ٿيندڙ دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي. سي ٽي ڊي اختيارين ٻڌايو ته مارجي ويل مبينه دهشتگرد جي سڃاڻپ شڪرالله جي نالي سان ٿي آهي جيڪو ضلعي بولان جي علائقي چهلگري ۽ فتح پور درگاهه تي خودڪش حملن جو سهولتڪار هو.

دهشتگردن جي ڪمپائونڊ مان ڌماڪيدار مواد، خودڪش جيڪٽ، ڪلاشنڪوف، پستول ۽ وڏي انگ ۾ اسلحو هٿ آيو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين موجب ڪمپائونڊ ۽ آسپاس جي گهٽين کي چيڪ ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي.