اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ هفتي دوران چار روپيه سستو ٿي ويو

news

ڪراچي:(ڇنڇر 06 جولاءِ 2019ع) اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ هفتي دوران ڊالر چار رپيه سستو ٿي ويو آهي. ڊالر جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر چار رپيه سستو ٿي ويو آهي.

هڪ هفتي دوران ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 161 مان گهٽ ٿي 157 رپين جو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ هفتي دوران 3 ڏهائي 13 روپيه سستو ٿي ويو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 160 ڏهائي 05 مان گهٽ ٿي 156 ڏهائي 92 رپين جو ٿي ويو آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته قطر کان پاڪستان کي 50 ڪروڙ دالر ۽ 10 ڪروڙ ڊالر جون شيون اچڻ سان روپئي جي ملهه ۾ 2 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.