شام ۾ بشارالاسد ۽ اتحادي فوج جي بمباري سبب ستن ٻارڙن سميت چوڏنهن شهري مارجي ويا

news

دمشق: ڇنڇر 06 جولاءِ 2019ع: شام ۾ اتحادي فوج جي هڪ ڳوٺ تي بمباري سبب 7 ٻارڙن سميت 14 شهري مارجي ويا.

عالمي خابرو اداري موجب بشارالاسد ۽ اتحادي فوج جي جنگي جهازن ۽ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ادلب جي ڳوٺ ماهمبيل تي بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 14 شهري مارجي ويا.

انساني حقن جي شام بابت مبصر دعويٰ ڪئي ته ادلب ۾ اڃان به خوني جهڙپ جاري آهي، 4 مهينن ۾ 520 شهرين جي فوتگي ٿي چڪي آهي، اتحادي فوج تازي ڪارروائي به هڪ رهواسي علائقي ۾ ڪئي، هڪ عورت راڪيٽ لڳڻ سبب مارجي وئي، داعش جي ويڙهاڪن جي آخري ٺڪاڻي ادلب جي اڪثريتي علائقن مان حڪومتي فورسز 8 سالن کانپوءِ باغين جو قبضو ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ اڃان به داعش جو تسلط برقرار آهي، روس ۽ ترڪي ۾ قائم امن جي معاهدي جي باوجود اتحادي فوج رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.