سگريٽ پيئڻ اکين جي نظر متاثر ڪرڻ جو به اهم سبب

news

حيدرآباد: ڇنڇر 06 جولاءِ 2019ع: عام طور تي خيال ڪيو ويندو آهي ته سگريٽ پيئڻ سان ڦڦڙ متاثر ٿيڻ سميت ڳلي جو ڪينسر وغيرا ٿيندو آهي، جڏهن ته هاڻوڪي تحقيق موجب اهو نظر ڪمزور ڪرڻ جو به سبب بڻجي ٿو.

برطانيه جي اداري ايسوسئيشن آف آپٽو ميٽرسٽس موجب سگريٽ پيئندڙ ماڻهن ۾ نظر گهٽ ٿيڻ جا امڪان سگريٽ نه پيئندڙ ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻٽا هوندا آهن.

تحقيق ڪندڙن جو چوڻ هو ته سگريٽ پيئڻ جا زهريلا اثر صرف ڦڦڙن جي نقصانن ۽ انهن کي تباهه ڪرڻ تائين محدود نه ٿا رهن.

تحقيق ڪندڙن ٻڌايو ته پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته سگريٽ پيئندڙ هر پنجن مان صرف هڪ شخص کي ان ڳالهه جي ڪجهه خبر آهي ته تماڪ سان اکيون به متاثر ٿينديون آهن.

ماهرن موجب سگريٽ ۾ موجود تماڪ ۾ زهريلي ڪيميڪل سڌو سنئون اکين کي متاثر ڪري ٿو، تماڪ ۾ موجود ڪيميڪلز اکين جي پڙدن ۾ جمع ٿي نظر کي متاثر ڪن ٿا.

سگريٽ پيئڻ جي نظر تي اثرن بابت ٿيندڙ هڪ ٻي تحقيق موجب تماڪ رت جي شوگر جو سبب بڻجي ٿو ۽ پوءِ رت جي شوگر اکين جي روشني متاثر ڪري ٿي.

تحقيق ۾ ٻڌايو يوو ته سگريٽ پيئندڙ ماڻهن ۾ رت جي شوگر جي ڪري اکين جي نظر متاثر ٿيڻ جا امڪان عام ماڻهن جي مقابلي ۾ 16 سيڪڙو وڌي وڃن ٿا.