گهوٽڪي ۾ قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي، ٻه مسافر فوت، ٻارنهن زخمي

news

گهوٽڪي: آچر 07 جولاءِ 2019ع: گهوٽڪي ۾ شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ميرپور ماٿيلو ويجهو قومي شاهراهه تي ڊاٽسن کي بچائيندي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه مسافر فوت جڏهن ته ٻارنهن زخمي ٿي پيا، فوت ٿيندڙن جا لاش ۽  زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب اسپتال ۾ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي جڏهن ته سهولتون گهٽ ٿيڻ سبب زخمين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي  رهيو آهي.