وزير بڻجڻ کانپوءِ سني ديول فلمن جو معاوضو به وڌائي ڇڏيو

news

ممبئي: آچر 07 جولاءِ 2019ع: بالي ووڊ اداڪار سني ديول وزير بڻجڻ کانپوءِ پنهنجي فلمن جو معاوضو به وڌائي ڇڏيو. اداڪار سني ديول اليڪشن ۾ ڪاميابي ڇا حاصل ڪئي فلمن جو معاوضو ئي وڌائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب سني ديول پنهنجي ايندڙ فلم فتح سنگهه لاءِ 5 ڪروڙ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته فلم ٺاهيندڙن لاءِ ايترو معاضو ڏيڻ آسان ناهي ان ڪري هو سني ديول کي فلم کان الڳ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب هدايڪتار راجڪمار سنتوشي جي فلم جي گهڻي قدر شوٽنگ لنڊن ۾ ٿيڻي آهي جڏهن ته فلم ۾ وزوئل ايفيڪٽ جو استعمال به ڪيو ويندو جنهن سبب پهريان ئي فلم جي بجيٽ ۾ 15 کان 18 ڪروڙ تائين واڌ ٿي ويندي.

سني ديول کي پنج ڪروڙ جو معاوضو ڏيڻ فلم ميڪر جي وس جي ڳالهه ناهي ان لاءِ هن فتح سنگهه کي ڪنهن ٻئي اداڪار سان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فلم جا پروڊيوسر سني ديول جي جاءِ تي ڪنهن سائوٿ انڊين اداڪار کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ تي غور ڪري  رهيا آهن.