تيزي سان وزن گهٽ ڪرڻ جو بهترين وقت

news

واشنگٽن: آچر 07 جولاءِ 2019ع: سائنسدانن جو چوڻ آهي ته وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ سڀ کان ضروري شئي روزاني جي بنياد  تي ورزش ڪرڻ آهي ۽ بهترين نتيجن لاءِ ورزش لاءِ مناسب وقت مقرر ڪري ڇڏڻ ان کان به وڌيڪ ضروري آهي.

سائنسي رسالي اوبيسٽي ۾ شايع ٿيندڙ مقالي موجب آمريڪي تحقيق ڪندڙن ان وقت جي درست مقرري ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪئي جن وقتن ۾ ورزش ڪرڻ سان وزن ۾ ٻين وقتن جي مقابلي ۾ تيزي سان گهٽتائي ايندي آهي.

ان تحقيق لاءِ 400 جي لڳ ڀڳ وزن جي زيادتي جي شڪار ماڻهن حصو ورتو، هڪ گروپ کي ڪنهن به وقت ورزش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جڏهن ته ٻين گروپس کي صبح، منجهند ۽ يا شام مان ڪنهن به هڪ وقت کي چونڊ ڪرڻو هو.

جيڪو گروپ ڏينهن ۾ ڪنهن به وقت ورزش ڪري وٺندو هو ان جي وزن ۾ گهٽتائي اميد موجب نه ٿي سگهي ۽ نه اهڙن ماڻهن ورزش جي ٻين فائدن جهڙوڪ چستي، ذهني ارتڪاز ۽ جسماني توانائي جهڙا فائدا کڻِ سگهيا.

ٻئي طرف اهو گروپ جنهن پنهنجي ورزش لاءِ پوري ڏينهن مان ڪنهن به هڪ وقت جي چونڊ ڪري ورتي ۽ پوءِ روزانو ان ئي وقت ورزش ڪندا رهيا انهن ماڻهن جي وزن ۾ حيران ڪندڙ ۽ واضح گهٽتائي ڏٺي وئي.

تحقيق مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي بنياد تي ماهرن جو چوڻ آهي ته بهتر نتيجن لاءِ صبح، منجهند يا شام مان پنهنجي آساني جي تحت ڪوبه هڪ وقت چونڊ ڪري وٺو ۽ پوءِ روزانو ان ئي وقت ورزش ڪرڻ کي معمول بڻايو ۽ ان تي اوهان جو جسم به اوهان جو شڪرگزار هوندو.