هن سنت نبوي صه تي عمل ڪري اوهان ڪيترائي ڪلو وزن گهٽ ڪري سگهو ٿا

news

نئين دلي: آچر 07 جولاءِ 2019ع: زمين تي دسترخوان وڇائي کائڻ ۽ هٿن سان کائڻ نبي ڪريم صه جي سنت آهي، هاڻ هڪ تحقيق ۾ ان سنت نبوي صه جو اهڙو حيران ڪندڙ فائدو سامهون آيو آهي جو تحقيق ڪندڙ سائنسدان به دنگ رهجي ويا.

ٽائمز آف انڊيا موجب ان نئين تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته زمين تي ويهي کائڻ ۽ ڇري ۽ چمچي بدران پنهنجي هٿ سان کائڻ وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ سڀ اثرائتو ۽ فائديمند طريقو آهي.

سائنسدانن موجب جڏهن اوهان کائڻ لاءِ پنهنجون آڱرين کي جوڙيندا آهيو ته اهو يوگا جو هڪ طريقو بڻجي وڃي ٿو، جڏهن اهو طريقو ٺاهيو ته اسان جي جسم جي سينسر جو ڪم ڪندڙ عضوا متحرڪ ٿي ويندا آهن، ان سان اسان کي مناسب خوراڪ کائڻ ۽ جسم کي ان کي هضم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

جڏهن اوهان هٿ سان کائڻ شروع ڪريو ٿا ته ان سان اوهان جي دماغ کي سگنلز پهچي ويندا آهن ته هاڻ اوهان کاڌو کائڻ وارا آهيو، جنهن سان هو اوهان جي معدي کي ان کاڌي کي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيندو آهي، نتيجن ۾ سائنسدانن ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان زمين تي ويهي هٿن سان کاڌو کائو ۽ رات جو کاڌو جلدي کائي وٺو ته اوهان ڪجهه هفن ۾ ڪيترائي ڪلو وزن گهٽ ڪري سگهو ٿا.