سعودي عرب تي حوثي باغين جي ٻئي ڊرون حملي کي ناڪام بڻايو ويو

news

رياض: آچر 07 جولاءِ 2019ع: سعودي ايئر ڊيفينس نظام حوثي باغين جي هڪ ٻئي بارودي ڊرون کي هوا ۾ ئي تباهه ڪري حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

سعودي پريس ايجنسي موجب يمن ۾ سعودي سربراهي ۾ قائم اتحادي فوج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ حوثي باغين هڪ بارود سان ڀريل ڊرون کي سعودي عرب جي اترين علائقي طرف هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ موڪليو جڏهن ته سعودي ايئر ڊيفينس ڊرون کي هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو.

سعودي اتحادي فوج جي ترجمان ڪرنل ترڪي المالڪي طرفان جاري بيان ۾ ڊرون حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ڊرون حملو يمن جي گادي واري هنڌ صنعا جي سرحدي علائقي کان ڪيو ويو جنهن کي ڊيفينس نظام هوا ۾ ئي ناڪارا بڻائي ڇڏيو.