آءِ سي سي پاران ون ڊي رينڪنگ جاري، بابر اعظم ٽئين پوزيشن تي اچي ويو

news

دبئي: آچر 07 جولاءِ 2019ع: ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ گروپ ميچن جي خاتمي تي آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هاڻوڪي رينڪنگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي.

هاڻوڪي ورلڊ ڪپ ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستاني رانديگرن جي رينڪنگ ۾  ترقي ٿي آهي، قومي ٽيم جي بيٽسمين بابر اعظم بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ 4 درجا بهتري کانپوءِ ٽئين نمبر تي اچي ويو جڏهن ته کاٻي هٿ جو اوپنر امام الحق ٽي درجا بهتري کانپوءِ 11 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.

بالرز جي رينڪنگ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته فاسٽ بالر محمد عامر هاڻوڪي ورلڊ ڪپ ۾ 17 وڪيٽون وٺي 28 درجا بهتري کانپوءِ ٻارهين پوزيشن تي اچي ويو آهي.

ان کان علاوه شاهين شادهه آفريدي 34 درجا بهتري کانپوءِ 23 هين نمبر تي پهچي ويو. بيٽسمينن جي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرئين ٻنهي پوزيشنز تي ڀارتي رانديگرن جو قبضو آهي، ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي 891 پوائنٽس سان سڀ کان مٿي آهي جڏهن ته هلندڙ ورلڊ ڪپ پنج سينچريون اسڪور ڪندڙ روهت شرما صرف پنجن پوائنٽن جي گهٽتائي سان ٻئين نمبر تي آهي.

بالرز جي فهرست ۾ ڀارت جو ئي جسپريت بمرا پهرئين نمبر تي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ ٻئين نمبر تي آهي.