لاڙڪاڻو ويجهو سنڌ درياءَ جي ڪپر تان نوجوان جو لاش هٿ

news

لاڙڪاڻو: آچر 07 جولاءِ 2019ع:لاڙڪاڻي ڀرسان سنڌ درياءَ جي ڪپر تان نوجوان جو لاش هٿ، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد سنڌو درياء جي ڪپر تان نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي لاش ڏسي علائقي واسين اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء چانڊڪا اسپتال آندو.

ان حوالي سان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي ايس ايڇ او اظهر منگي جو چوڻ آهي ته علائقي واسين جي اطلاع تي پهچي لاش چانڊڪا اسپتال ڏانهن پوسٽ مارٽم لاءِ آندو جتي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته لاش 4 کان 5 ڏينهن جو پراڻو آهي ۽ سندس جسم تي ڪنهن به ڌڪ يا گولي جا نشان ناهن مليا هن ٻڌايو ته نوجوان کي جي جسم تي هيٺين ڌڙي تي ڪپڙي جو پوتڙو ٻڌل هو باقي ٻي ڪا به شيءِ سندس وٽان هٿ ناهي آئي لاش ڳري وڃڻ سبب سندس چهري جي سڃاڻپ نه پئي ٿي سگهي، جنهن ڪري لاش ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيون پيا، آخري اطلاعن تائين نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.01