وزيراعظم سليڪٽيڊ نه پر رجيڪٽيڊ آهي: مولانا فضل الرحمان

news

لاڙڪاڻو: سومر 08 جولاءِ 2019ع:جي يو آءِ جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان لاڙڪاڻي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٽئڪس مٿان ٽئڪس لڳايا ٿا وڃن، ساھ تي به ٽئڪس لڳايو ويندو، لڳي ٿو، شادي ٻار پيدا ڪرڻ تي به ٽئڪس لڳايا پيا وڃن، عوام جي زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، ملڪ جي سياست هڪ پليٽ فارم تي گڏ بيٺل آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن خلاف روڊن تي اچون، موقف ۽ اصول تي ڪو به سودو نه ڪيو ويندو، رياستي قوتون اسان جي سامهون نه اچن، اسان انهن سان مزاحمت نه ٿا ڪرڻ چاهيون.

هن چيو ته قوم کي آزاد ڪرڻ جي جنگ وڙهون ٿا، عوام قيد آهي، حڪومت مدرسن ۾ هٿ وجهڻ ۽ ختم نبوت جي قانون ۾ هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اسان حڪومت خلاف تحريڪ هلائي ملڪ جي معيشيت کي گروي رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته خبر پئجي وئي آهي، عدالتون ڪيئن دٻاءَ ۾ اچي فيصلا ڪن ٿيون، ملڪ اندر حڪومت ناهي اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي. هنن کي صرف نالا ڏنا ويا آهن. پوري ملڪ ۾ سڪون سان پارٽي جون چونڊون ٿيون آهن، اسان جا ڪارڪن موجوده حڪومت خلاف احتجاج ڪندا رهيا آهن ۽ 12 کان 13 مارچ حڪومت خلاف ڪيا آهن ۽ اسان جيڪو چئون ٿا اهو عام ماڻهن جي دل جو آواز آهي.

اسان جي ملڪ جو سياسي نظام به دفاعي قوت جو ڪم ڪري رهي آهي، رياست سمجهي ٿي ته ملڪ اسان هو پارليامينٽ اسان کي ٺاهڻي آهي، جنهن کي اسان تسيلم نه ٿا ڪيون ملڪ آئيني تحت هلي رهيو آهي، جيڪي آئيني کان هٽي وينداسين ته اختلاف ٿيندي فوجي حلف کڻندو آهي ته هو سياست ۾ مداخلت نه ڪندا، ڇا هو مداخلت ناهن ڪري رهيا؟ موجوده حڪومت کي ڪنهن اقتدار ۾ آندو آهي، اها ڪنهن کي خبر ناهي. 

هن چيو ته وزيراعظم سلڪيٽيڊ نه پر رجيڪٽيڊ آهي، اسان هن حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪيون. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ايترو قرض ناهي ورتو، جيڪو 10 مهينن ۾ قرضو ورتو ويو آهي، روپئي جي اهميت گهٽائي وئي آهي.01