ٽنڊوڄام ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ريلي

news

ٽنڊوڄام:سومر 08 جولاءِ 2019ع:سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پاران وڌندڙ مهانگائي ۽ وفاقي حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ خلاف شبير مگسي، سچل گوپانگ، حفيظ ميمڻ، الطاف کوسو، الهبچايو ملاح، اڪبر بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ بجيٽ نامنظور، مهانگائي نامنظور جا نعرا پڻ هڻندا رهيا. اڳواڻن احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، عمران خان اليڪشن کان اڳ جيڪي دعوائون ڪيون هيون ان جي ابتڙ عوام کي ٽيڪس جي چڪي ۾ پيڙهيو پيو وڃي.

هنن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ عوام دشمن بجيٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪري غريب ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي.01