ڊان اڪيڊمي ٽنڊوڄام پاران سالياني سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب

news

ٽنڊوڄام:سومر 08 جولاءِ 2019ع: ڊان اڪيڊمي ٽنڊوڄام پاران سالياني سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي ويئي. تقريب ۾ انگلش ڪورس مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽفڪيٽ ورهايا ويا.

ان موقعي تي تعليمي ماهر سنجي مٺراڻي، سجاد ڀرڳڙي، وشال، عبدالحق گاڏاهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تعليمي شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجا تعليمي ادارا مضبوط ڪرڻا پوندا ۽ تعليم سان گڏوگڏ تعليمي نمائش ۽ سيمينار تي به زور ڏيڻو پوندو.

هنن چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ شهري توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ لائيبريرين کي فعال ڪرڻ ۽ نوجوان نسل کي موبائيل فون جي استعمال کي گهٽائڻو پوندو. تقريب کي ايجوڪيشن اسڪالر راجيش گوسوامي خطاب ڪندي چيو ته يو ايس ايڊ پنهنجي مخلتف تعليمي پروجيڪٽ ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي ماحول فراهم ڪري رهيو آهي. جنهن سان شاگردن جي ذهني صلاحيتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته اڄ اهي قومون ترقي ڪري رهيون آهن، جن تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گهرجي ته اڳتي وڌڻ لاءِ نقل ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي تعليم تي توجه ڏين انهي ۾ انهن جي ترقي آهي. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.01