نئون ڪوٽ ۾ ڪولهي اتحاد پاران حقن جي حاصلات لاءِ پيادل مارچ

news

نئون ڪوٽ: سومر 08 جولاءِ 2019ع:ٿر پارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر مٺي کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ اڍائي سئو ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪندڙ سنڌ ڪولهي اتحاد جي اڳواڻ رڻشال داس ڪولهي جي اڳواڻي ۾ عورتن مردن معصوم ٻارڙن پانڌيئڙن جي مان ۾ اديواسي هندو پنچائت پاران نئون ڪوٽ ڀرسان ستون ميل تي آجياڻو ڏنو ويو.

آجياڻي کي خطاب ڪندي سنڌ ڪولهي اتحاد جي چيئرمين رڻشال داس ڪولهي شريمتي ڀاڳيا شري ڪولهي، قيصر لعل، چيئرمين يوسي ڀٽارو، ممتاز چانڊيو، ڪمليش ماڌارام، ڀڳوان داس مهراج ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي قديمي اصولڪن وارثن کي هميشه هر دور ۾ ڀت سان لڳايو پيو وڃي.

اقليتن جي سيٽن تي هڪ مخصوص لابي حاوي آهي، جن پسمانده آديواسي قبيلن کي حق ڏيڻ بدران پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ ڪم ڪيو آهي، کين جائز حق ڏيڻ کان پري رکيو پيو وڃي. جن  پنهنجا جائز حق وٺڻ لاءِ پيادل لانگ مارچ ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پسمانده آديواسي قبيلن جا ماڻهو پنهنجا حق جدودجهد ذريعي وٺي سگهن ٿا، اڄ به ڪولهي ڀيل دراوڙ جوڳي ۽ ٻين پٺتي پيل قومن کي لاڏائو سڏيو وڃي ٿو. جن وٽ ڪوبه اجهو نه آهي.

سندن معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، ڀٽڪندڙ نسل جا اهي ماڻهو سنڌ جا اصل وارث آهن. هنن چيو ته هاڻ اسان ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڊگهي علامتي بک هڙتال ڪري پنهنجا حق وٺنداسين.01