ماهرا خان ۽ عاطف اسلم جي رقص جي وڊيو وائرل

news

ڪراچي: سومر 08 جولاءِ 2019ع: اداڪارا ماهرا خان ۽ راڳي عاطف اسلم جي گڏ رقص ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ لڪس اسٽائل ايوارڊز ۾ جتي هر اسٽار منفرد نظر آيو اتي ئي دلڪش ماهرا خان ۽ عاطف اسلم به مداحن جون دليون کٽي ورتيون.

ايوارڊ جي تقريب ۾ عاطف اسلم ۽ ماهرا خان اتي موجود ٻين حاضرين جي خواهش تي گڏ رقص ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي چڱي وائرل ٿي رهي آهي جڏهن ته مداح اهن جي گڏ رقص کي تمام گهڻو ساراهي رهيا آهن.

ماهرا خان به ڪجهه تصويرون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪيون جنهن ۾ انتهائي خوبصورت لڳي رهي آهي.