گهوٽڪي ويجهو پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻه نينگريون ٻڏي فوت

news

گهوٽڪي: سومر 08 جولاءِ 2019ع:راونتي ڀرسان 2 نينگريون راند کيڏڻ دوران پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ٻُڏي فوت ٿي ويون.

ڳوٺ جانب ڀٽو ۾ راند کيڏڻ دران 5 ورهين جي نندوي ميگهواڙ ۽ 3 ورهين جي رويتا ميگهواڙ جو پير ترڪي پيو، جنهن کانپوءِ هو پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ڪري پيون.

اطلاع تي وارث ۽ ڳوٺاڻا پهتا، جِن گڏيل ڪوششن سان ٻنهي معصوم نينگرين جا لاش ٻاهر ڪڍيا. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي.01