سيوهڻ ۾ رند برادري پاران جهانگارا پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

سيوهڻ: سومر 08 جولاءِ 2019ع:سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ ڪڇي ۾ 4 ڏينهن اڳ چئن هٿياربندن جي هٿان قتل ٿيل نوجوان احمد علي ولد عبدالڪريم رند جي قتل کي جهانگارا پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي، جهانگارا پوليس جوابدارن جي گھرن تي چڙھائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري مک جوابدارن بدران رند برادري جي ٽن عورتن سميت معصومن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ عورتن جي گرفتاري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف رند برادري جي ماڻهن عبداڪريم رند، وزير علي رند، گلاب خان رند، ڍول رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهانگارا شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مظاهرين الزام ھڻندي چيو ته ايس ايڇ او شاھ محمد لغاري رند برادري جي قتل کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي، ايس ايڇ او مک جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران غريب مسڪين رند برادري جي گهرن تي ڪاھ ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري ٽي عورتون  ۽ ٻارڙن کي ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو آھي.

جڏھن ته ٿاڻي تي ليڊيز پوليس اھلڪار موجود ناھي، جڏھن ته  پوليس عورتن سان ملاقات به بند ڪري ڇڏي آھي، جڏهن ته مقتول جي والد ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او کي چيو آھي ته اوهان گرفتار عورتن کي آزاد ڪري مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو پر جھانگارا پوليس ان کي  به حراسمينٽ ڪندي چيو ته ائين ڪندي تنهنجي پٽ جو خون لڙھي ويندو.

هاڻي وري ايس ايڇ او ٿو چوي ته مونکي لک رپيا ڏيو ته پوءِ گرفتار عورتن کي ڇڏيندس، اسان وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ٿا ڪيون ته ايس ايڇ او جهانگارا کي هٽائي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري شفاف نموني جاچ ڪري مک جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان رند برادري جي عورتن کي آزاد ڪرائي رند برادري سان انصاف ڪيو وڃي.

ھنن چتاءَ ڏيندي چيو ته عورتن کي آزاد نه ڪيو ويو ته رند برادري ۾ وڌيڪ خونريزي وڌي سگهي ٿي، جنهن جو ذميوار ايس ايڇ او جهانگارا هوندو.01