پي ٽي وي جي مشهور اداڪاره ذهين طاهره لاڏاڻو ڪري وئي

news

ڪراچي: (اڱارو 09 جولاءِ 2019ع)   پي ٽي وي جي مشهور اداڪاره ذهين طاهره شديد بيماري کان پوءِ پوءِ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. اداڪاره ذهين طاهره گذريل مهيني دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو.

ذهين طاهره جي طبيعت رات دير سان اوچتو خراب ٿي وئي جيڪا بهتر نه ٿي سگهي ۽ هو لاڏاڻو ڪري وئي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ ذهين طاهره ڪيترن ئي سالن کان پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ پي ٽي وي جي تاريخ جي سڀني کان سينئر ۽ بزرگ اداڪاره طور سڃاتي ويندي هئي.

ذهين طاهره ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. کيس پي ٽي وي جي سڀني کان وڌيڪ مشهور ڊرامي(خدا کي بستي) ۾ به ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل هو. ان کان علاوه ذهين طاهره عروسه، دستڪ، ديس پرديس، ڪالي آنکهين، ڪهانيان، وقت کان آسمان، ماسي ۽ ملکه، راستي دل کي، کيسي هين دوريان، شمع، دل ديا دهليز، چاندني راتين، آئينه، تجهه پي قربان سميت ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. حڪومت پاڪستان طرفان شوبز انڊسٽري جي لاءِ گهڻين خدمتن جي اعتراف ۾ 2013 ۾ کيس نشان امتياز سان  به نوازيو ويو هو.

ذهين طاهره جي لاڏاڻي تي شوبز، سياسي ۽ ٻين نالي وارين شخصيتن جي طرفان افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي. اداڪار بهروز سبزواري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ذهين طاهره سان منهنجو تعلق ننڍپڻ کان هو. هو انتهائي محنتي عورت هئي الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي. اداڪار قوي خان به ذهين طاهره جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندي چيو آهي ته هن هميشه اصولن تحت ڪم ڪيو.