طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب، امن ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق

news

قطر: (اڱارو 09 جولاءِ 2019ع)  دوحا ۾ ٿيل ٻن ڏينهن جي بين الافغان ڳالهين ۾ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ طالبان ۽ افغان وفد وچ ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.  دوحا ۽ جرمني جي گڏيل ميزباني هيٺ ٿيل ٻن ڏينهن جي ڳالهين جي پڄاڻي تي هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ افغانستان ۾ اسلامي اصولن، انساني حقن جي احترام، ڳالهيون جاري رکڻ، ڌرين طرفان سخت بيان نه ڏيڻ، سرڪاري ادارن تي حملا نه ڪرڻ ۽ پرتشدد واقعن ۾ گهٽتائي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. 

ٻن ڏينهن  جي ڳالهين ۾ 23 رڪني افغان وفد ۽ طالبان جي 17 رڪني وفد حصو ورتو. جيتوڻيڪ افغان وفد ۾ ٽي حڪومتي نمائندا به هئا پر سندن شرڪت انفرادي طور هئي، ان کان اڳ به ٻه بين الافغان ڳالهيون ٿيون پر ان ۾ افغان حڪومت جي نمائندن شرڪت نه ڪئي. ذريعن موجب طالبان کي شڪايت هئي ته اڪثر پشتونن کي حڪومت طالبان جي نالي تي قيد ڪندي آهي، جڏهن ته جيلن ۾ قيد طالبان قيدين سان خراب ورتاءُ ڪيو ويندو آهي. طالبان ڪيترائي ڀيرا والاريل لفظ استعمال ڪيو جنهن تي حڪومتي نمائندن اعتراض ڪيو.  ڳالهين جي گڏ پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ جٽادار امن رڳو سمورن ڀائيوارن وچ ۾ ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته افغانستان هڪ متحد اسلامي ملڪ آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي قومون آباد آهن، جڏهن ته سمورا افغان اسلام جي بالادستي، سماجي ۽ سياسي انصاف، قومي اتحاد ۽ علائقائي خودمختياري تي متفق آهن. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته افغان قوم تاريخ خاص طور 40 سالن ۾ پنهنجي مذهب، ملڪ ۽ ڪلچر جو ڀرپور دفاع ڪيو آهي، ڌرين عالمي برادري ۽ علائقائي توڙي گهرو عنصرن تي زور ڀريو ته هو افغان قدرن جو احترام ڪن جڏهن ته سمورين ڌرين زور ڀريو ته ڌمڪيون، بدلن ۽ تڪراري لفظن کان پاسو ڪندي نرم لفظ ۽ مثالن جو استعمال ڪن ته جيئن تڪرار ۽ بدلي جي باهه نه ڀڙڪي.

پڌرنامي ۾ امن لاءِ پيرسن، بيمار ۽ معذور قيدين جي غير مشروط آزادي، سرڪاري ادارن، عوامي هنڌن، مثال طور اسڪولن، مدرسن، اسپتالن، بازارن، ڊيمن ۽ ڪم جي ٻين هنڌن جي حفاظت يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.  اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۽ رهائشي علائقن جو احترام ڪيو ويندو، عوام جي جان، مال جو احترام ڪيو ويندو ته جيئن شهرين جي موتن کي ٻڙي جي سطح تي آندو وڃي. هوڏانهن آمريڪي سفير زلمي خليل زاد چيو آهي ته قطر ۽ جرمني جي ميزباني جي لاءِ سندن شڪريو ادا ڪريون ٿا. ڪامياب ڳالهين تي ڌرين کي مبارڪباد ڏيون ٿا. هن چيو ته  ڪامياب ڳالهين سان افغانستان جي 40 ساله مسئلي جي حل جي اميد جاڳي آهي. طالبان سان گڏ اڄ ٿيندڙ ڳالهين ۾ امن عمل جي لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. جڏهن ته طالبان طرفان 40 افغان سيڪيورٽي اهلڪارن کي به آزاد ڪيو ويو.