دادلغاري ويجهو شاهه مائينر شاخ کي ڏهه فوٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

news

داد لغاري: اڱارو 09 جولاءِ 2019ع:داد لغاري ويجھو شاھ مائينر شاخ جي آبپاشي عملدارن جي نااھلي ۽ ضرورت کان وڌيڪ شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب شاھ مائينر شاخ جي آرڊي ڏھ کان غازيدڙي وٽان ڏھ فٽ گھارو پئجي ويو.

گھاري جي ڳوٺاڻن پاران آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪير به نه پھتو، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت شاخ کي پيل گھاري کي بند ڪيو.

گھارو لڳڻ ڪري شاھ مائينر جي آبادگارن جو سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جو فصل پاڻي ھيٺ اچو ويو، جنھن سبب آباگارن جو وڏو نقصان پڻ ٿيو.

آبادگارن الزام لڳايو ته شاھ مائينر جي ڪيترن ئي سالن کان وٺي کاٽي نه ڪرائي وئي آھي، جنھن سبب شاخ ۾ اور پاڻي ڇوڙ سبب شاخ کي گھارو پيو آھي.

هنن اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته بنادير آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شاخ جي کاٽي ڪرائي ضرورت آھر پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي.01