واشنگٽن: (اڱارو 09 جولاءِ 2019ع) آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته امدادي رضاڪارن ۽ ريسڪيو ادارن طرفان رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.
برسات جي پاڻي ٻوڏ جي اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي جو رستي تان گذرندڙ ماڻهن کي گاڏين جي ڇتن مٿان چڙهي پنهنجون جانيون بچائڻيون پيون.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ٽوئيٽر تي جاري ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برسات سبب نارٿ ويسٽر ڊي سي، سائوٿرن مولنگومري، ايسٽ سينٽرل وڊون ڪائونٽي، ارنگٽن ڪائونٽي، فالس چرچ ۽ نارٿ ايسٽرن فيئر فيڪس ڪائونٽي جا علائقا سخت متاثر ٿيا آهن.
جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي رهائشگاهه وائٽ هائوس جي بيس منٽ بابت به خبرون آهن ته برسات جو پاڻي اندر داخل ٿي ويو آهي. واشنگٽن جي روڊن تي پاڻي ندي وانگر وهي رهيو آهي. ذريعن موجب واشنگٽن ۾ طوفان اچڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.