انڊونيشيا جي هڪ گهر ۾ ايلين نما جانور سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيو

news

بالي: اڱارو 09 جولاءِ 2019: انڊونيشيا جي هڪ گهر ۾ ايلين نما جانور جي موجودگي گهر جي مالڪي سميت مقامي ماڻهن کي ڇرڪ ڀرائي ڇڏيو.

انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي ۾ هاري تو نالي شخص جي گهر ۾ ايلين نما جانور جي موجودگي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

اهو جانور گهر جي ڀت سان لٽڪيل هو ۽ اڌ جهينگر ۽ اڌ جيلي فش طرح لڳي رهيو هو. جنهن جي جسم تي وار به هئا. گهر جي مالڪ موجوب هن اهڙو جانور پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو.

هاري تو ٻڌايو ته هو ان جانور کي نٿو سڃاڻي ۽ نه ئي اهو ڄاڻي ٿو ته هي ڪٿان کان آيو آهي. شايد ٻاهر ٿيندڙ برسات کان بچڻ جي لاءِ اُن جي گهر ۾ اچي ويو هجي ۽ ڀت سان گڏ لٽڪيل هو.

هاري تو چيو ته اُن کي هي جانور ڏسڻ ۾ بلڪل ايلين جي طرح لڳي رهيو آهي.