وڌندڙ حادثن کي روڪڻ لاءِ ڄامشورو پوليس سرگرم، ايس ايس پي پاران آگاهي مهم، هيلميٽ ورهايا ويا

news

  ڄامشورو: اڱارو 09 جولاءِ 2019ع:سنڌ اندر خاص ڪري ڄامشورو ضلعي ۾ ايم نائين موٽر وي ۽ انڊس هاءِ وي تي ٿيندڙ خوني حادثن کي روڪڻ لاءِ ڄامشورو پوليس سرگرم ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم موٽر وي ۽ ٽريفڪ عملدارن سان گڏ ڄامشورو ۾ موٽرسائيڪل سوارن ۾ پمفليٽ ورهائي روڊ حادثن کان بچڻ، ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرڻ، غلط ڊرائيونگ ڪرڻ، تيز رفتاري سان ڊرائيونگ ڪرڻ، غلط رستي کان گاڏيون نه هلائڻ بابت ڄاڻ ڏني.

ان موقعي تي موٽرسائيڪل سوارن ۾ مفت ۾ هيلميٽ پڻ ورهايا ويا. ان دوران ايس ايس پي ڄامشورو هيلميٽ حاصل ڪندڙ موٽرسائيڪل سوارن کان واعدو ورتو ته هو هاڻي هر صورت ۾ هيلميٽ استعمال ڪندا، ڇاڪاڻ ته سندن زندگي سندن وارثن لاءِ تمام قيمتي آهي ۽ ان کي محفوظ رکڻ ۽ تڪليف کان بچائڻ لاءِ هيلميٽ جو استعمال ضرور ڪن.

ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام جي خاص هدايتن تي ڄامشورو ضلعي اندر ٽريفڪ قانون بابت آگاهي لاءِ مهم شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا 15 ڏينهن تائين جاري رهندي، جنهن ۾ موٽرسائيڪل سوارن کي پمفليٽن ذريعي آگاهي ڏني پئي وڃي ۽ انهن ۾ هيلميٽ پڻ ورهايا پيا وڃن ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ ٽريفڪ قانون تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان ۾ جيڪو به ماڻهو چاهي اهو پوليس جو آفيسر ڇو نه هجي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن جو چالان ڪٽيو ويندو.

ايس ايس پي ڄامشورو وڌيڪ ٻڌايو ته ڄامشورو ضلعي اندر ٿيندڙ روڊ حادثن ۾ 65 سيڪڙو اهڙا حادثا آهن جن جا متاثر ٿيندڙ موٽرسائيڪل سوار هوندا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته انهن حادثن کي روڪڻ ۽ ان ۾ ٿيندڙ جانين جي نقصان کي بچائڻ لاءِ موٽرسائيڪل سوارن کي آگاهي ڏني وڃي.

هن چيو ته آئون ذاتي طور تي موٽرسائيڪل سوارن کي توڙي وڏيون گاڏيون هلائيندڙن کي گذارش ڪندس ته اهي ڊرائيونگ دوران هيلميٽ ۽ سيٽ بيلٽ جو استعمال ڪن ۽ گاڏي هلائڻ دوران موبائل فون جو غير ضروري استعمال نه ڪن.

جڏهن ته گاڏيون پنهنجي رخ ۾ هلايون وڃن ۽ تڪڙ ۾ وقت بچائڻ بدران گاڏين جي رفتار گهٽ رکي وڃي، ڇاڪاڻ ته وقت کان وڌيڪ جانيون قيمتي آهن، جنهن سان نه رڳو پنهنجيون پر ٻين جون زندگيون به بچائي سگهجن ٿيون. ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم چيو ته مسافر گاڏين توڙي حد کان وڌيڪ وزن کڻندڙ مال بردار گاڏين جي ڊرائيورن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪي حادثن جو اڪثر سبب بڻجنديون آهن.

هن صحافين سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان به هن سماج جا باشعور ۽ ذميوار شهري آهيو، ان ڪري اوهان اسان جي هن جاڳرتا مهم جو حصو بڻجي پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو.01