رڳن جي سرجري کانپوءِ مفلوج هٿ ٻيهر ڪم ڪرڻ لڳا

news

ويانا: اڱارو 09 جولاءِ 2019ع: ڪرنگهي جي هڏي جي ڌڪ کانپوءِ هٿن کان مفلوج ٿي ويندڙ ماڻهو هاڻ سرجري کانپوءِ پنهنجي هٿن سان کاڌو کائي سگهن ٿا، هلڪو وزن کڻي سگهن ٿا ۽ ايستائين جو هو فون تي ڳالهائي به سگهن ٿا، سمورن ماڻهن ۾ رڳن جي جراحي ڪئي وئي آهي.

اهو ڪامياب تجربو آسٽن هيلٿ ڪمپني جي نتاشا وين زائل ڪيو آهي، ان جو هڪ مريض هاڻ يورپ جي سفر تي آهي ۽ ٻيو پنهنجي ٻارن کي اسڪول ۽ بازار وٺي وڃي رهيو آهي، اهڙي طرح هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري پيدا ٿي آهي.

جيتوڻيڪ پوري دنيا ۾ ان علاج جي طريقي تي ڪم جاري هو پر ان ۾ معمولي ڪاميابي ملي سگهي هئي، پر هاڻ پروفيسر نتاشا ۽ سندس ساٿين 16 اهڙن مريضن جو علاج ڪيو آهي جيڪي حادثي جو شڪار ٿيا هئا ۽ انهن جي حرام مغز تي سخت ڌڪ کانپوءِ انهن جي هڪ ٻانهن ۽ هڪ ٽنگ مفلوج ٿي چڪي هئي، اڪثڙ گاڏي جي حادثن مان معذور ٿيا هئا ۽ بقايا ڪرڻ ۽ راند دوران مفلوج ٿيا هئا.

اسپائنل ڪارڊ يا ڪرنگهي جي هڏي مان ڪيتريون ئي رڳون پوري جسم تائين وينديون آهن ۽ سخت ڌڪ جي صورت ۾ ٻانهن جون رڳون خراب ٿي وينديون آهن.

پر قدرتي طور تي ڌڪ جي مٿئين حصي ۾ موجود رڳون ڪم ڪنديون رهنديون آهن، ڊاڪٽر نتاشا انهن رڳن کي باءِ پاس ڪري هٿن ۽ پيرن جي رڳن سان جوڙيو آهي.

آپريشن کانپوءِ ٻن سالن تائين سمورن مريضن جي فزيو ٿراپي ڪئي وئي ۽ ان کانپوءِ هٿ حرڪت ڪرڻ لڳا، ڪارائي گهمائڻ، گلاس جهلڻ ۽ چپٽي وڄائڻ جي به قابل ٿي ويا.

پر سرجري جو عمل ايترو آسان نه هو، ڊاڪٽرن ان جي لاءِ ٽينڊن ٽرانسفر ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ رڳ کي هڪ پٺي جي نظام سان جوڙيو ويو آهي.