news
دادو

دادو ۾ گنب برادري پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

دادو: اڱارو 09 جولاءِ 2019ع:تعلقي جوهي جي ڳوٺ گل محمد گنب جي رهواسين گنب برادري پاران بااثرن جي مبينا ذيادتين خلاف دادو پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين مولوي محمد عمر گنب، مسمات رُڪيه ۽ مسمات بدرالنساءِ گنب صحافين اڳيان دانهيو ته برادري جي بااثرن منير احمد گنب، مجيد ۽ محبوب گنب مسمات رڪيه زال اسد الله گنب مٿان ڄاڻي واڻي گهر جي ڪچي ڀت ڪيرائي آهي، جنهن سبب مسمات رڪيه سخت زخمي ٿي پئي آهي ۽ هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي.

هنن چيو ته 4 سالن کان بااثر اسان جي ڳوٺ ۾ 6 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو ويٺا آهن ۽ اسان مٿان جوهي ٿاڻي تي گهرن تي چڙهائي ڪرڻ وارو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ پوليس پڻ انهن بااثرن جي ونگاري بڻيل آهي.

مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي.01