ٽنڊو محمد خان ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو عرس مبارڪ شروع، افتتاح

news

ٽنڊومحمدخان: اڱارو 09 جولاءِ 2019ع:سنڌي ٻولي ۾ شاعري جي سرتاج عظيم شاعر شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو 408 هين  عرس مبارڪ ميلو اڄ کان بلڙي شاهه ڪريم جي نگري ۾ ميلي جي پهرين ڌمال تي  اوقاف کاتي جو ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد عمران خواجه ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي  .۽ ٻيا عملدار درگاهه تي چادر چاڙهي ميلي جي رسمن جو افتتاح ڪيو آهي.

جڏهن ته سنڌ سرڪار جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا مان ڪوبه صوبائي وزير يا وري صلاحڪار ۽ اسيمبلي ميمبر درگاهه تي چادر چاڙهڻ لاءِ رسم ۾ شريڪ ٿي نه سگهيا.

روايتي طريقي سان هن سال به سنڌ سرڪار جي اوقاف کاتي ۽ ثقافت کاتي طرفان ميلي جي تياري جي سلسلي ۾ ڪوبه عملي طور  قدم نه کنيو ويو آهي ۽ نه وري ميلي جي موقعي تي درگاهه جي اڱڻ ۽ درگاهه کان ٻاهر ڪوبه ثقافتي ادبي پروگرام ترتيب نه ڏنو ويو آهي.

روايتي طريقي سان ميلي جي پهرين ڌمال تي درگاهه جي اڱڻ ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي گهوٽ جا فقير رسالن مان تمبوري جي تارن تي سر وکيري الله هو الله هو جي توارن سان راڳ پيش ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ راڳ جو سلسلو صبح کان رات دير تائين جاري رکيو ويندو.

ميلي جي پهرين ڌمال جي موقعي ته سج لهڻ کانپوءِ شام داري درگاهه جي اڱڻ ۾ سماع جي رسم ادا ڪئي ويندي، جنهن ۾ درگاهه جي آڏو مک دروازي کان ٻاهر باهه جي مچ تي راڳي فقير ڪريمي ۽ لطيفي راڳ سان سماع ۾ شرڪت ڪندا.

درگاهه جو گادي نشين سيد شاهد حسين  شاهه ڪاظمي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جڏهن ته ميلي جي افتتاح دوران اوقاف کاتي جو ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد عمران خواجه، ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي ۽ ٻين عملدارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه عبدالڪريم دنيا جو عظيم لافاني انسان دوست فڪر جو شاعر رهيو آهي، جنهن جي شاعري اڄ به انسان ذات لاءِ انمول هيري جو هڪ تحفو آهي، جنهن مان اسان پنهنجي روزمرهه جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سبق حاصل ڪري سگهون ٿا.01