پريانڪا چوپڙا سان ڪم ڪرڻ بدران وار کي ترجيح ڏني: شمعون عباسي

news

ڪراچي: اڱارو 09 جولاءِ 2019ع: پاڪستاني اداڪار شمعون عباسي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي پر هن فلم وار ڪرڻ کي ترجيح ڏني.

پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ هنن ڏينهن ۾ نوان نوان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن گذريل ڪجهه عرصي ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن بالي ووڊ ۾ ڪم جي آڇ جي حوالي سان ڳالهايو آهي جن ۾ اداڪارا ميهوش حيات، عائزا خان ۽ دانش تيمور وغيرا شامل آهن ۽ هاڻ انهن ۾ اداڪار شمعون عباسي جي به واڌ ٿي وئي آهي.

هاڻوڪن ڏينهن ۾ شمعون عباسي وسيم بادامي جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن انڪشاف ڪندي چيو ته فلم وار جي شوٽنگ دوران کيس  رانگ نمبر 2 جي پروڊيوسر حسن ضياءَ جي فون آئي هن ٻڌايو ته هو ان وقت دلي ۾ بالي ووڊ فلمساز وشال ڀردواج سان موجود آهي ۽ وشال توکي پريانڪا چوپڙا سان ڪاسٽ ڪرڻ چاهي ٿو.

شمعون عباسي ٻڌايو ته هو ان دوران فلم وار جي شوٽنگ ڪري رهيو هو ان ڪري هن حسن ضياءَ کي چيو ته مان هن وقت هڪ پاڪستاني فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهيان جنهن تي حسن ضياءَ چيو ڇڏ ان فلم کي دلي اچ جڏهن ته شمعون عباسي چيو ته مان وار جي شوٽنگ سبب هينئر نه ٿو اچي سگهان پر مان پوءِ اچي ويندس جنهن تي حسن ضياءَ ڪاوڙ ڪندي چيو ته تون چوڻ چاهين ٿو ته مان پريانڪا چوپڙا کي چوان ته تنهنجي لاءِ انتظار ڪري جنهن تي مون چيو ها، پر هن مون کي نه ڪري ڇڏيو.