ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جون بوگيون انجڻ کان جدا ٿي ويون

news

خانيوال: (اربع 10 جولاءِ 2019ع) ڪراچي کان  راولپنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جون بوگيون فريدآباد ۾ انجڻ کان جدا ٿي ويون. پاڪستان ايڪسپريس جون بوگيون ريلوي اسٽيشن کان ڪجهه فاصلي تي جدا ٿي ويون.

بوگين کي انجڻ کان ملائيندڙ جوائنٽ اوچتو ٽٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ انجڻ اڳيان نڪري ويو ۽ بوگيون پويان رهجي ويون. سخت جهٽڪا لڳڻ سبب مسافر برٿن تان ڪري پيا ۽ انهن ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو.

اختيارين موجب ٽرين کان جدا ٿيندڙ بوگيون فريدآباد جي ويجهو بيٺل آهن. پاڪستان ايڪسپريس جي مسافرن دير ٿيڻ سبب سخت احتجاج ڪيو.

جڏهن ته مسافر اڃان تائين بي يارو مددگار جي حالت ۾ انتظاميه ۽ امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن. جناح ايڪسپريس حادثي سبب سموريون ٽرينون ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي ويون آهن.