بار بي ڊول ڪترينه ڪيف پنهنجي ننڍي ڀيڻ ازابيل کي بالي ووڊ ۾ اچڻ کان اڳ نصيحت ڪري ڇڏي

news

ممبئي: (اربع 10 جولاءِ 2019ع)  بالي ووڊ جي بار بي ڊول ڪترينه ڪيف پنهنجي ننڍي ڀيڻ ازابيل کي بالي ووڊ ۾ اچڻ کان اڳ نصيحت ڪندي کيس شوبز انڊسٽري جي هيٺ مٿاهين کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.  اداڪاره ڪترينه ڪيف کي بالي ووڊ ۾  ايندي ڪافي سال گذري ويا آهن. ان عرصي ۾ جتي هن ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي اتي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي طور طريقن کي به سٺي طريقي سان سمجهي چڪي آهي.

ڪترينه جي بالي ووڊ ۾ ڪاميابي کان پوءِ هاڻ سندس ننڍي ڀيڻ ازابيل به شوبز ۾ اچڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ ان موقعي تي ڪترينه پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي بالي ووڊ جي باري ۾ نصيحت ڪئي آهي.

تازي هڪ انٽرويو دوران ڪترينه ٻڌايو ته  آئون هميشه  پنهنجي ڀيڻ کي چوندي آهيان ته اوهان ڀلي اداڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمايو يا هدايتڪاري ۾ پر اوهان کي فلم انڊسٽري ۾ رهڻ جي لاءِ مضبوط حوصلن ۽ ارادن جو مالڪ هجڻ گهرجي ڇو ته هتي ڪم ڪرڻ آسان ناهي.

ڪترينه وڌيڪ چيو ته بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اوهان ڪنهن ٻئي کي مثال بڻائي ان جي نقش قدم تي هلو پر اهو ڪريو جيڪو اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا. شوبز ۾ پير ڄمائڻ جي لاءِ اوهان پنهنجي دل جي آواز ٻڌو.