احد رضا سجل علي جي پيءُ کان شادي لاءِ اجازت گهري ورتي

news

لاهور: (اربع 10 جولاءِ 2019ع) ٽي وي اداڪار احد رضا مير اداڪاره سجل علي سان شادي ڪرڻ جي لاءِ سندس پيءُ کان اجازت گهري ورتي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب احد رضا مير ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪاره جي پيءُ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو ۽ کيس درخواست ڪئي هئي ته مون کي شادي جي اجازت ڏني وڃي. جنهن تي سجل علي جي پيءُ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن اهي به افواهون سرگرم آهن ته سجل علي ۽ احد رضا مير ڪافي وقت اڳ شادي ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ ان شادي کي سامهون آڻي رهيا آهن.

امڪان آهي ته هو تمام جلد شادي جي تقريب جو اعلان به ڪندا. جڏهن ته اها به خبر پئي آهي ته سجل علي جي پيءُ جو تعلق لاهور سان آهي.