جسم ۾ دوا پهچائڻ لاءِ ننڍڙو جيلي فش روبوٽ تيار

news

برلن: اربع 10 جولاءِ 2019ع: سائنسدان آئي ڏينهن جانورن مان متاثر ٿي بايوروبوٽس ٺاهيندا رهن ٿا ۽ هاڻ جرمني جھي ماهرن هڪ ننڍڙو جيلي فش روبوٽ ٺاهيو آهي جيڪو شين کي کڻي وڃي سگهي ٿو، مائعات کي ملائڻ ۽ پاڻ کي دفنائڻ جو ڪم به ڪندو آهي.

ڪنهن تار جي بنا ڪم ڪندڙ جيلي فش روبوٽ پنج ملي ميٽر جسامت رکي ٿو، ان کي ڏسي اسان پاڻ جيلي فش جي ٻارن جي بدلجندڙ حالتن ۾ بقاءَ جي صلاحيت جي باري ۾ به ڄاڻي سگهنداسين.

ميڪس پلانڪ اسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل ڊاڪٽر ميٽن ستي ۽ سندس  ٽيم اهو روبوٽ هڪ عام جيلي فش جي ٻارن مان متاثر ٿي ٺاهيو آهي، ايترو ننڍڙو هجڻ ۽ پنهنجي سادي ساخت جي باوجود اهو گهڻا يئ ڪم ڪري سگهي ٿو، اهو مائعات جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪندي پيچيدا عمل انجام ڏيندو آهي.

جيلي فش سمنڊن ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ماهر چاهين ٿا ته هو روبوٽ وسيلي سمنڊن جي بدلجندڙ ڪيفيتن، گدلاڻ، گرمي پد ۽ ٻين ڪيفيتن ۾ ان مخلوق جو ورتاءُ ۽ ان کي سهڻ جي صلاحِت کي سمجهي سگهن.

روبوٽ جيلي فش کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ ان تي مقناطيسي ذرا لڳايا ويا آهن جيڪي ٻاهرين مقناطيسي ميدان جي اثر هيٺ ڏڪندا آهن، پوءِ مڇي تري ٿي، ننڍي موت جهڙين شين کي کڻي وڃي ٿي، کاڌو پڪڙي ٿي، دشمن کان بچڻ لاءِ سامونڊي مٽي ۾ لڪي ويندي آهي ۽ ڪيتري ئي مائعات کي گڏ ملائي ٿي.