جوهري معاهدي جي ڀڃڪڙي، ايران کي سزا ڏيڻ لاءِ يورپي طاقتن جو پهريون قدم

news

برلن: اربع 10 جولاءِ 2019ع: يورپي طاقتن جوهري معاهدي جي ڀڃڪري ڪرڻ تي ايران کي سزا ڏيڻ لاءِ پهريون قدم کڻي ورتو.

رپورٽ موجب برطانيه، فرانس، جرمني جي پرڏيهي وزيرن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه هڪ بيان ۾ چيو ته ايران جوهري معاهدي ۾ ڪيل واعدن کان هٽي سرگرمين کي جاري رکي رهيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انهن پيش ايندڙ مسئلن کي جوهري معاهدي فريم ورڪ جي اندر حل ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ فوري طور تي جوائنٽ ڪميشن جوڙڻ گهرجي.

اها ڳالهه نظر ۾ رهي ته برطانيه، فرانس ۽ جرمني ٽنهي يورپي ملڪن سميت روس ۽ چين به جوهري معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جڏهن ته آمريڪا گذريل سال مئي ۾ ان تان هٿ کڻي چڪو آهي.

معاهدي جي ميمبرن تي ٻڌل جوائنٽ ڪميشن جي جوڙ ان سوديبازي جي تحت کنيل پهريون قدم آهي جيڪو آخرڪار عالمي پابندين تي به پئجي سگهي ٿو.

بيان ۾ چيو ويو ته ايران چئي چڪو آهي ته هو جوهري معاهدي ۾ شامل رهڻ چاهي ٿو ان ڪري ان کي فوري طور تي انهن سرگمرين کي روڪي معاهدي تي پورو عملدرآمد ڪرڻو پوندو.

2015ع ۾ ڪيل ان جوهري معاهدي ۾ آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين طاقتن جوهري پروگرام روڪڻ جي صورت ۾ ايران کي عالمي منڊين تائين رسائي جي آڇ ڪئي هئي. جڏهن ته گذريل سال ان جي سڀ کان اهم ميمبر آمريڪا طرفان هٿ کڻڻ ۽ هڪ طرفي طور تي پابندي جي ٻيهر لاڳو ٿيڻ کانپوءِ کان ئي معاهدي جو مستقبل شڪ جو شڪار آهي.

ايران چئي چڪو آهي ته هو معاهدي ۾ شامل رهڻ چاهي ٿو پر اقتصادي فائدن تي آمريڪي پابندي برقرار هجڻ تائين ايئن ٿيڻ غير يقيني آهي.