شهدادپور پوليس جو زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو، ڇويهه پورهيت بازياب

news

شهدادپور: اربع 10 جولاءِ 2019ع:عدالتي حڪم تي شھدادپور پوليس ڳوٺ سڄڻ ڀنڀرو ۾ زميندار وزير ڀنڀرو جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھڻي ڪارروائي ڪندي 4 عورتن، 13 ٻارن ۽ 9 مردن سميت 26 ڀيل برادري جا پورهيت بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندا.

بازياب ڪرايل ھارين ۾ پنھون ڀيل، رام چند، ڀٽو، انو، ڀڀيو، پرتاب، انکو، تاريو، بابو، ستو، مسمات گڏي، شمانه، ڇمپا، معصوم رميش، مدم، جگو، راجيش، گنگا ۽ ٻيا شامل آھن.

بازياب ڪرايل ھارين ٻڌايو ته اسين اصل سامارو جا آھيون، زميندار اسان کي ناحق قيد ڪري جبري پورھيو وٺندو هو.

ڪوبه حساب ڪتاب نه ڪندو ھو، پوليس موجب عدالتي حڪم تي بازياب ڪرايل ھارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.01